احمد جي چاڳلا

احمد جي چاڳلا

احمد جي چاڳلا

احمد جي چاڳلا: احمد. جي. چاڳلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن جو خالق ۽ ممتاز موسيقار ٿي گذريو آھي، جنھن جو پورو نالو احمد غلام علي چاڳلا ھو. 1902ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو، سنڌ مدرسي مان تعليم حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي نامياري موسيقار مھاراج سوامي داس جو شاگرد ٿيو. 1928ع ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ برطانيا ويو، جتي ٽريننگ ڪاليج مان موسيقيءَ جي به تعليم ورتائين. پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو عرصو اڳ بمبئيءَ ويو، جتي ھڪ فلم ڪمپني ’اجنتا‘ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاھيائين، جنھن کي 1949ع ۾ حڪومت پاڪستان منظور ڪيو، انھيءَ ڌن کي ئي اڳيان رکندي محترم حفيظ جالنڌريءَ پاڪستان جو قومي ترانو ’پاڪ سر زمين شادباد‘ لکيو، 5 فيبروري 1953ع تي وفات ڪيائين، ڪي ڊراما به لکيائين، جن مان ’ڀوت‘ (ترجمو)، ’خزني‘ (ترجمو)، ’جيڪا تقدير‘، ’ديس جو دشمن‘ ۽ ’گڏي جو گھر‘ مشھور آھن، جنھن ھارمونيم تي قومي تراني جي ڌن ٺاھي ھئائين، اھو ۽ ان جا نوٽيشن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جي مشاھيرن واري گئلريءَ ۾ موجود آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

احمد جي چاڳلا: احمد . جي . چاڳلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن جو خالق ۽ ممتاز موسيقار ٿي گذريو آھي ، جنھن جو پورو نالو احمد غلام علي چاڳلا ھو . 1902ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو ،


1953.02.05  عيسوي

ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاھيائين ، جنھن کي 1949ع ۾ حڪومت پاڪستان منظور ڪيو ، انھيءَ ڌن کي ئي اڳيان رکندي محترم حفيظ جالنڌريءَ پاڪستان جو قومي ترانو ’ پاڪ سر زمين شادباد ‘ لکيو ، 5 فيبروري 1953ع تي وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڇتل سرهيو
روپلو ڪولهي
خامنائي سيد علي حسيني
ممتاز علي ڀٽو
بالاچ گرگيج
دلدار عباسي
چاندو فقير
خيرالنساءِ جعفري
پيريڪلس
بالميڪي/والميڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون